آخوند عبدالحميد

آخوند عبدالحميد

عبدالحميد آخوند

عبدالحميد آخوند : آخوند عبدالحميد ولد آخوند الهبچايو، اصل مٽياريءَ جي صديقي خاندان سان تعلق رکي ٿو. پاڻ شمس العلماءَ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي جو ڏوهٽو آهي، هن حيدرآباد شهر ۾ 30 مارچ 1945ع تي جنم ورتو، ابتدائي تعليم حيدرآباد مان ورتائين. آخوند صاحب ملازمت جي شروعات 1968ع ۾ نيشنل سينٽر حيدرآباد جي ريزيڊنٽ ڊائريڪٽر جي حيثيت سان ڪئي، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحان بعد تعليم کاتي سنڌ جي ڪلچرل ونگ ۾ 1976ع ڌاري اسسٽنٽ ڊائريڪٽر مقرر ٿيو. 1988ع ۾ جڏهن حڪومت سنڌ، ثقافت کاتي کي تعليم کاتي کان ڌار ڪري هڪ محڪمي جي صورت ڏني ته حميد آخوند ان جو پهريون ڊائريڪٽر مقرر ٿيو، اڳتي هلي سيڪريٽري ثقافت جو عهدو سنڀاليائين، جنهن عهدي تي هڪ مختصر عرصو ڇڏي، 2000ع تائين لڳاتار رهيو. حميد آخوند سنڌ جي ثقافت جي سمورن نمائنده پهلوئن کي اُجاگر ڪيو ۽ ان جي افاديت، اهميت ۽ عالمي حيثيت کي مَدِ نظر رکي، ان جي تحفظ لاءِ اثرائتي جاکوڙ ڪندو رهيو. هن ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ۽ ثقافت کاتي پاران سنڌ جي تاريخ، ثقافت، ڪلاسيڪي، ادب، لطيفات، آثار قديمه ۽ ٻين موضوعن بابت انگريزي، سنڌي ۽ اردوءَ ۾ ڪتاب ڇپرايا. ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، سنڌ ميوزيم حيدرآباد، سيوهڻ ثقافتي مرڪز، سچل اڪيڊمي خيرپور، سنڌ آرڪائيوز، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي حيدرآباد ۽ ٻيا ڪيترائي ادارا هن جي ڪوشش سان اڳتي وڌيا. سنڌ آرڪائيوز ۽ آرڪيالاجيءَ جي شعبي کي به هن کاتي سان ملائڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو ۽ سنڌ هيريٽيج ڪائونسل جوڙي سنڌ جي قديم عمارتن کي قومي ورثي جو درجو ڏياريو. هي ثقافت کاتي جو واحد سيڪريٽري هو، جيڪو شاهه لطيف جي ميلي جون ڪارروايون خود هلائيندو هو. جيتوڻيڪ اها ذميواري هن ممتاز مرزا جي حوالي ڪئي هئي، پر ڪڏهن پاڻ به سندس مددگار ٿيندو هو. آخوند صاحب مهاٽا پئلس جي بورڊ آف ٽرسٽيز جو ميمبر آهي. يونيسڪو جي هيريٽيج ڪائونسل ۽ دنيا جي ڪيترن ثقافتي ادارن ۽ تنظيمن جو ميمبر رهيو آهي. آخوند صاحب جا شاهه عبداللطيف بابت انگريزيءَ ۾ هيٺيان ٻه ڪتاب ڇپيل آهن. 1. Bhitai, The Message of The Master: an Anthology of Commentaries on the Poetry of Shah Abdul Latif (1993). 2. Shah Abdul Latif, His Mystical Poetry (1991). 17 جولاءِ 2009ع تي آخوند عبدالحميد انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄامشوري جو ڊائريڪٽر مقرر ٿيو هو. هن وقت انڊومينٽ فنڊ جو سربراهه آهي.


لفظ عبدالحميد آخوندھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1945.03.30  عيسوي

آخوند عبدالحميد حيدرآباد شهر ۾ 30 مارچ 1945ع تي جنم ورتو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رانجهو
اسرار لغاري
حسين بخش وڳڻ
شيخ حافظ عبدالغني ڊاڪٽر
پلي رحيم ڏنو
بخش علي جتوئي
پير بخش عالماڻي
جنجهي يارمحمد ڊاڪٽر
ترخان مرزا محمد باقي بيگ
جانان بيگم
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون